سعودي عرب سياحتي ويزا تي پابندي لڳائي ڇڏي

رياض : سعودي حڪومت سياحتي ويزا تي پرڏيهين جي ملڪ ۾ اچڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي.
ڪورونا وائرس پکيڙ جي روڪ ٿام لاءِ سعودي حڪومت سياحتي ويزا تي پرڏيهين جي ملڪ ۾ اچڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي ۽ ان سلسلي ۾ سعودي ايوي ايشن طرفان باقاعده نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو اهي.
نوٽيفڪيشن موجب سعودي عرب طرفان سياحتي ويزا تي پابندي سبب هاڻ ڪو به سعودي عرب نه وڃي سگھندو جڏهن ته سعودي ايوي ايشن ”گاڪا“ پي آءِ اي سوڌو سڀني اڏامن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔