ڪشمور واقعو: وزيراعظم جي بهادري ڏيکاريندڙ اي آيس آءِ کي فون

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان بهادري ڏيکاريندڙ اي ايس آءِ کي فون ڪري شاباش ڏني.

وزيراعظم عمران خان سوشل ميڊيا تي جاري پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن ڪشمور واقعي ۾ بهادري ڏيکاريندڙ اي ايس آءِ محمد بخش ابڙو ۽ سندس ڌيءَ سان ٽيليفون تي ڳالهايو ۽ سندس ڪارنامي جي ساراهه ڪئي.

هن جو چوڻ هو ته بهادري ڏيکارڻ تي اي آيس آءِ کي شاباش ڏني ۽ چيو ته توهان پوليس جي مثبت تشخص کي اجاڳر ڪيو.

ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته سموار نقص ختم ڪندي ايندڙ هفتي جنسي زيادتي بابت سخت آرڊيننس آڻي رهيا آهيون.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔