سعودي عرب جي آئل ذخيرن تي حملا ناڪام

رياض: سعودي عرب آئل ذخيرن تي حوثي باغين جا حملا ناڪام ڪري ڇڏيا.

عرب جي خابرو اداري موجب سعودي عرب پاران جاري بيان ۾ چيو آهي ته يمني سرحد جي ويجهو اتر اولهه شهر جيزان ۾ موجود آئل جي ذخيرن تي حملي جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن کي فورسز ناڪام ڪري ڇڏيو.

عرب ميڊيا جو چوڻ آهي ته سعودي جي توانائي واري وزارت حملا ناڪام بڻائڻ جي تصديق ڪندي چيو ته فورسز اربع جي شام جو بارود سان ڀريل ٻيڙين کي تباهه ڪيو.

سعودي ميڊيا موجب فورسز جي آپريشن جي نتيجي ۾ آئل سپلاءِ ڪندڙ لائن ۾ محدود قسم جي باهه لڳي جنهن تي تڪڙو ضابطو آندو ويو جڏهن ته ڪو به جاني نقصان نه ٿيو. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔