پاڪستان ۾ تازين دهشتگرديءَ جي ڪاررواين ۾ ڀارت ملوث آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

اسلام آباد: ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار چيو آهي ته پاڪستان ۾ تازين دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ڀارت جو هٿ آهي، افغانستان ۾ موجود ڀارتي ڪرنل راجيش دهشتگرد تنظيمن سان رابطي ۾ آهي جڏهن ته هن 30 داعش جي دهشتگردن کي پاڪستان منتقل ڪيو آهي.

ڊي جي آءِ ايس پي پرڏيهي وزيرشاهه محمود قريشي سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڀارتي ايجنسي را پنهنجي فرنٽ مين کي ٻين ملڪن ذريعي فنڊ ڪري ٿو، ڀارت سان دهشتگردي جي لاءِ افغانستان رقم موڪلي وئي، الطاف حسين گروپ کي ڀارتي ايجنسي طرفان فنڊنگ ڪئي وئي جڏهن ته سي پيڪ خلاف ڀارت 700 ماڻهن تي ٻڌل مليشيا ترتيب ڏني آهي.

ميجر جنرل بابر افتخار وڌيڪ چيو ته ڀارت ڪيترين ئي تنظيمن کي هٿيار، آءِ اي ڊي ۽ خودڪش جيڪٽس ڏئي ٿو، ٽي ٽي پي ۽ الطاف حسين گروپ کي به هٿيار ڏئي ٿو.

هن جو چوڻ هو ته آزاد ڄمون ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به دهشتگردي ۾ ملوث آهي، ڀارت پاڪستان ۾ اهم شخصيتن کي به قتل ڪرڻ جي منصوبابندي ڪئي.

پاڪ فوج جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي سي گوادر حملي جو ماسٽرمائينڊ را جو آفيسر انوراگ سنگهه هو. 

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔