ڀارت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ شورش برپا ڪرڻ چاهي ٿو: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: شاهه محمود قريشي  چيو ته ڀارت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ شورش برپا ڪرڻ چاهي ٿو، اطلاع آهن ته اتي قومپرستي کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي

هن چيو ته ڀارت پاڪستان کي غيرمستحڪم ڪرڻ چاهي ٿو، اسان وٽ ان جا ثبوت آهن، جيڪي عالمي برادري سامهون ڊوزيئر جي شڪل ۾ پيش ڪري رهيو آهيان.

پرڏيهي وزير چيو ته دهشتگردي کي وري هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ان ڪري وڌيڪ خاموشي پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ناهي.

شاهه محمود وڌيڪ چيو ته پشاور ۽ ڪوئٽا ۾ تازا دهشگرد حملا ڀارتي ارادن کي ظاهر ڪن ٿا، جڏهن ته ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ٻين شهرن ۾ ڀارت دهشتگرد حملن جي منصوبابندي ڪري رهيو آهي، ڀارتي ڳجهيون ايجنسيون پابندي پيل ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ ٻين تنظيمن جي پٺڀرائي ڪري رهيون آهن.

شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته ڀارت آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ شورش برپا ڪرڻ چاهي ٿو، اطلاع آهن ته اتي قومپرستي کي هوا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي، ڀارت اليڪشن کان پهريان اهڙي ڪوشش ڪئي ۽ اليڪشن کانپوءِ به ساڳيا اراده رکي ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔