بالي ووڊ اداڪار آصف بسرا آپگهات ڪري ڇڏيو

نئين دهلي :بالي ووڊ اداڪار آصف بسرا مبينا طور آپگهات ڪري ورتو.
ڀارتي ميڊيا موجب 53 ورهين جي آصف بسرا جو ڦاهو کاڌل مڙهه هماچل پرديش مان سندس گهر مان هٿ آيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته فرانزڪ ٽيمن واقعي واري هنڌ جو جائزو ورتو آهي ۽ جاچ جو عمل جاري آهي.
فلمي دنيا سان واسطو رکندڙ شخصيتن آصف بسرا جي موت تي گهري ڏُک جو اظهار ڪندي سندس وڇوڙي کي وڏو نقصان قرار ڏنو آهي.
واضح رهي ته آصف بسرا ٽيلي ويزن ۽ فلمن ۾ پنهنجي اداڪاريءَ سان سڃاتو ويندو هو، جڏهن ته هن ٿيٽر جي اداڪار طور به فن جو مظاهرو ڪيو.
آصف بسرا ”هچڪي، ڪرش 3، جب وي ميٽ، ونس اپان آ ٽائم ان ممبئي“ جهڙين فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔