ايل اين جي ريفرنس: شاهد خاقان سميت ٻين تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: احتساب عدالت ايل اين جي ريفرنس ۾ شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل سميت ٻين جوابدارن تي 16 نومبر تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.احتساب عدالت ۾ ايل اين جي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي،شاهد خاقان عباسي پاران اڄ حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪرائي وئي.نيب عدالت کي ٻڌايو ته دستاويزن تي شاهد خاقان عباسي جي وڪيلن جا اعتراض ختم ڪري ڇڏيا آهن.شاهد خاقان عباسي جي وڪيل چيو ته نيب چئي ٿو ته هينئر به منصوبي مان خزاني کي نقصان ٿي رهيو آهي،جيڪڏهن هڪ ڏوهه جاري آهي ته ان تي ڪيئن فرد جرم لاڳو ڪري سگهجي ٿو؟هن چيو ته سلطاني شاهدن ۾ مفتاح اسماعيل جو به نالو شامل آهي،خبر ناهي ته اهو مفتاح اسماعيل ڪير آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔