سنڌ حڪومت پاران اٽي اگهه تي ضابطي لاءِ فلور ملز کي 50 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ واڌو ڏيڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ حڪومت اٽي جي اگهه تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فلور ملز ۽ چڪين کي هلندڙ مهيني 50 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ واڌو ڏيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. خوراڪ کاتي هلندڙ مهيني فلور ملز ۽ چڪين جي ڪوٽا 2 لک مان وڌائي اڍائي لک ميٽرڪ ٽن ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي ۾ هڪ لک 33 هزار ميٽرڪ ٽن ۽ حيدرآباد لاءِ 44 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ فراهم ڪئي ويندي. خوراڪ کاتي پاران سکر، لاڙڪاڻي، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظيرآباد جي فلور ملز ۽ چڪين لاءِ به ڪڻڪ جي ڪوٽا ۾ واڌ ڪئي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔