يونس خان وڌيڪ ٻن سالن لاءِ قومي ٽيم جو بيٽنگ ڪوچ مقرر

لاھور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اڳوڻي ڪپتان يونس خان کي ٻن سالن لاءِ قومي ٽيم جو بيٽنگ ڪوچ مقرر ڪري ڇڏيو.
يونس خان پهريون ڀيرو انگلينڊ جي دوري ۾ بيٽنگ ڪوچ جي حيثيت سان ذميواريون نڀايون هيون ۽ ان وقت هن جو معاهدو رڳو انگلينڊ دوري لاءِ هو پر هاڻ پي سي بي اڳوڻي ڪرڪيٽر کي وڏي وقت لاءِ اهي ذميواريون ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.
يونس خان جي بيٽنگ ڪوچ طور مقرري گهٽ ۾ گهٽ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2020 تائين ڪئي وئي آهي ۽ سندس پهرين اسائنمينٽ نيوزيلينڊ دورو آهي.
پي سي بي اهو به چيو آهي ته جڏهن يونس خان ٽيم سان گڏ نه هوندو ته هو حنيف محمد هاءِ پرفارمنس سينٽر ڪراچي ۾ بيٽنگ ڪوچ جي حيثيت سان ڪم ڪندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔