لنڊن ۾ جنوني ماڻهوءَ ڪار پوليس اسٽيشن سان ٽڪرائي ڇڏي، واٽهڙن هٿان سوگهو

لنڊن: لنڊن ۾ هڪ ماڻهوءَ تيز رفتار ڪار پوليس اسٽيشن سان ٽڪرائي ڇڏي، جڏهن ته پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.
اتر لنڊن ۾ هڪ ماڻهوءَ تيز رفتار ڪار پوليس اسٽيشن سان ٽڪرائڻ بعد رستي تي باهه ڀڙڪائيندڙ مواد اڇلي ان کي باهه به ڏني، موقعي تي موجود ماڻهن جوابدار کي گرفتار ڪري پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.
ان تي ميٽرو پوليس جو چوڻ آهي ته دهشتگردي ٽوڙ پوليس واقعي جي جاچ ڪري رهي آهي، ميڊيائي رپورٽ ۾ اکين ڏٺل شاهدن جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته ٿاڻي اڳيان رڪاوٽون هجڻ ڪري جوابدار پاران ڀرپور ڪوشش باوجود اندر داخل نه ٿي سگهيو، ناڪامي تي هن ٻاهر اچي باهه ڏني، خوشقسمتيءَ سان سڙندڙ پيٽرول ٽريفڪ تائين نه پهچي سگهيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔