اسٽيٽ بئنڪ ڀارتي ايپ زي فائيو جي ادائيگين تي پابندي هڻي ڇڏي

ڪراچي :اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ڀارتي ايپ زي فائيو جي ادائيگين تي پابندي هڻي ڇڏي.
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان زي فائيو جي پاڪستان مان ادائيگين تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي، مرڪزي بئنڪ ڪابينا ڊويزن جي خط تي سرڪلر به جاري ڪري ڇڏيو.
اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل خط ۾ چيو ويو آهي ته زي فائيو لاءِ هر قسم جي ادائيگي تي سموريون بئنڪون بنا دير پابندي لڳائن، ڀارت زي فائيو ذريعي پاڪستان مخالف پروپئگنڊا ۾ سرگرم آهي.
ذريعن موجب سڀني بئنڪن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته زي فائيو ذريعي ڪئي ويندڙ ادائيگين کي روڪي 13 نومبر تائين اسٽيٽ بئنڪ کي آگاهه ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔