رولو ڪتن خلاف مهم نه هلائڻ سنڌ حڪومت کان پي سي ون تي عملدرآمد رپورٽ طلب

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ رولو ڪتن خلاف مهم نه هلائڻ ۽ ويڪسين جي کوٽ خلاف درخواست تي سنڌ حڪومت کان پي سي ون تي عملدرآمد بابت رپورٽ ۽ سنڌ ريبيز ڪنٽرول پروگرام کان ايڪشن پلان ۽ ٽائيم فريم طلب ڪري ورتو آهي، درخواستگذار عدالت کي ڪوتاهي ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي جي استدعا ڪئي، عدالت رمارڪس ۾ چيو ته آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ سان ڪجهه نه ٿيندو ، نظام ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي . سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ رولو ڪتن خلاف مهم نه هلائڻ ۽ ويڪسين جي کوٽ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته سنڌ ۾ رولو ڪتا معضوم بارڙن کان حياتيون کسي رهيا آهن پر هن مهل تائين پي سي ون به نه ٺاهي وئي آهي. درخواستگذار عدالت کي ڪوتاهي ڪندڙ آفيسرن خلاف ڪارروائي جي استدعا ڪئي. عدالت رمارڪس ۾ چيو ته آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان ڪجهه نه ٿيندو، نطام کي بهتر بنائڻ جي ضرورت آهي. اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي آگاهي ڏني ته پي سي و ن تي عملدرآماد شروع ڪيوويو آهي، عدالت جي حڪم تي عمل ڪيو پيو وڃي . عدالت اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته توهان هن مهل تائين ڇا ڪيو آهي ؟، هميشه اهو چيو ويندو آهي ته پي سي ون شروع ٿي ويو آهي. عدالت چيو ته جيڪڏهن توهان اندس اسپتال سان معاهدو ڪيو ٿا ته عدالت کي ڪو به اعتراض ناهي. عدالت سنڌ حڪومت کان پي سي ون تي عملدرآمد ۽ سنڌ ريبيز ڪنٽرول پروگرام کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔