جعلي بينڪ اڪائونٽس ريفرنس: سپريم ڪورٽ نيب عدالت کان اڳڀرائي رپورٽ طلب

اسلام آباد: جعلي بينڪ اڪائونٽس ريفرنس ۾ سپريم ڪورٽ نيب عدالت کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي. جعلي بينڪ اڪائونٽس جي جوابدارن حسين لوائي ۽ عمير جي ضمانت جي درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت ريفرنس ۾ اڳڀرائپ بابت رپورٽ نيب عدالت کان طلب ڪري ورتي. جسٽس قاضي محمد امين ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسان هن ريفرنس کي جلد اڪلائڻ جي هدايت ڪئي آهي، هينئر تائين ريفرنس بابت فيصلو ڇو نه ڏنو ويو آهي؟ عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪندي جوابدارن طحيٰ رضا، حسين لوائي ۽ محمد عمير جي درخواستن کي گڏائي ٻڌڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔