شاهد خاقان ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاءِ پرڏيهين کي ڪيس کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: احتساب عدالت ايل اين جي ريفرنس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ پرڏيهين کي ڪيس کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي. احتساب عدالت ۾ ايل اين جي ريفرنس جي ٻڌڻي دوران اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا، جنهن دوران پرڏيهي جوابدارن کي مليل نوٽيسز بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي. نيب پاران عدالت کي آگاهه ڪيو ويو ته پاڪستان جي سفير جي ذريعي ڪيس جي اهم جوابدارن شنا صادق ۽ فلپ ناٽمن کي نوٽيس پهچايا ويا آهن. نيب عدالت کي اهو به ٻڌايو ته نوٽسز بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وئي آهي، جنهن دوران جج جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪرڻ لاءِ پرڏيهين کي ڪيس کان الڳ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ان موقعي تي شاهد خاقان عباسي جي وڪيل بيرسٽر ظفر الله عدالت کي ٻڌايو ته نيب کيس گهربل دستاويز فراهم نه ڪيا آهن. عدالت شاهد خاقان عباسي جي وڪيل کي گهربل دستاويز فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي ريفرنس جي ڪارروائي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي……..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔