آءِ جي سنڌ جي مبينا اغوا بابت جاچ رپورٽ عوام اڳيان پڌري ڪئي وڃي: شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد: اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آءِ جي سنڌ جي مبينا اغوا بابت جاچ رپورٽ عوام اڳيان پڌري ڪئي وڃي،رپورٽ ۾ چيو ويو ته آفيسرن جذبات ۾ اچي آءِ جي کي اغوا ڪيو. اسلام آباد ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو ته اسان به ماضي ۾ جذبات ۾ اچي منصوبا تيزيءَ سان مڪمل ڪيا. هن چيو ته آءِ جي سنڌ اغوا جي حقيقت عوام کي معلوم هجڻ گهرجي،مون تي ڪرپشن نه پر اختيار اورانگهڻ جو الزام آهي. شاهد خاقان عباسي چيو ته عدالت کي ڪيس جي ٻڌڻي سڌي ريت ڏيکارڻ جي درخواست ڪئي آهي،ان تي جيڪو خرچ ايندو اهو ،اسان برداشت ڪنداسين….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔