ڪراچي مان گم ٿيل ماڻهن کي بنا دير بازياب ڪرائڻ جو حڪم

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي مان گم ٿيل ماڻهن کي بنا دير بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي آءِ جي کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي، اسپتال جي او پي ڊي مان گم ٿيل ٻارڙي جي ماءُ عدالت ۾ هنجون هاريندي چيو ته 2 سال گذرڻ باوجود سندس معصوم پٽ جو پتو نه پئجي سگهيو آهي . سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي مان گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. ڪراچي جي هڪ اسپتال جي او پي ڊي مان گم ٿيل بارري نعيم جي امڙ عدالت آڏو هنجون هاريندي چيو ته 2 سال گذرڻ باوجود سندس پٽ جو ڪو پتو نه پيو آهي. هڪ گم ٿيل نوجوان شهري جي وارثن چيو ته پوليس ڪو به سهڪار نه پئي ڪري جيڪڏهن اسان جي پٽ تي ڪو ڪيس آهي ته ٻڌايو وڃي يا کيس بازياب ڪرايو وڃي. عدالت پوليس کي گم ٿيل ماڻهن کي بنا دير بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي پوليس کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي ….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔