اين آءِ سي وي ڊي، جَي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نديم قمر ۽ ايڊمنسٽريٽر جي صمانت منظور

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ غير قانوني ڀرتين ۽ ڪرپشن جي الزام هيٺ آيل اين آءِ سي وي ڊي، جَي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نديم قمر ۽ ايڊمنسٽريٽر ملڪ نصر الله جي عبوري صمانت منظور ڪري ورتي ، جوابدارن موقف اختيار ڪيو ته اين آءِ سي وي ڊي ۾ نيب ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ۽ اسپتال جي عملي کي هيسايو ، رڪارڊ ڏيڻ ۽ الزامن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون نيب کي گرفتاري کان روڪيو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ اين آءِ سي وي ڊي، جَي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر نديم قمر ۽ ايڊمنسٽريٽر ملڪ نصر الله جي 23 نومبر تائين عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. ٻنهي جوابدارن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته نيب اين آءِ سي وي ڊي ۾ ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ ورتو ۽ اسپتال جي عملي کي هيسايو ، رڪارڊ ڏيڻ ۽ الزامن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون نيب کي گرفتاري کان روڪيو وڃي. عدالت جوابدارن جي عبوري ضمانت منظور ڪندي کين 5- 5 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. عدالت نيب کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نيب اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي ۾ ڇاپو هنيو هو…..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔