مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز تي فرد جرم لاڳو

لاهور: احتساب عدالت مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز سميت ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. احتساب عدالت جي جج جواد الحسن ، شهباز شريف خاندان جي خلاف مني لانڊرنگ ريفرنس بابت ٻڌڻي ڪئي. جيل عملدارن مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي انتهائي سخت سيڪيورٽي ۾ بڪتربند گاڏي ۾ عدالت پهچايو. ان موقعي تي ن ليگ ڪارڪنن جو جو وڏو تعداد عدالت ٻاهران موجود هو.ان موقعي تي ڪارڪنن ۽ پوليس ۾ ڏند چڪ به ٿيا. شهباز شريف لڳايل الزام باسڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن ته عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي نيب کي شاهدن کي طلب ڪري ورتو. فرد جرم لاڳو ڪرڻ جي موقعي تي شهباز شريف ڳالهائيندي چيو ته مون کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، منهنجا سياسي مخالف منهنجي خلاف سازش ڪري رهيا آهن. هن چيو ته منهنجي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، نيب جي الزامن کي رد ڪريان ٿو.نيب سياسي جوڙ توڙ ۾ ملوث آهي…

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔