سنڌ بار ڪائونسل جون چونڊون هاءِ ڪورٽ ۾ ڪرائڻ واري معاملي تان وڪيلن ۾ ڇڪتاڻ تيز

ڪراچي: سنڌ بار ڪائونسل جون چونڊون هاءِ ڪورٽ ۾ ڪرائڻ واري معاملي تان هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڪراچي بار ايسوسئيشن وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، ڪراچي بار چونڊون ڊسٽرڪٽ بار ۾ نه ڪرائڻ خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي، ڪراچي بار جي صدر منير ملڪ مطالبو ڪيو آهي ته بار ڪائونسل جون چونڊون روايت موجب سٽي ڪورٽ ۾ ڪرايون وڃن،آمراڻي فيصلي خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو، اڄ نه ڪنهن ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي نه ڪنهن سائل کي سٽي ڪورٽ ۾ اچڻ ڏنو ويندو. سنڌ بار ڪائونسل جون چونڊون هاءِ ڪورٽ ۾ ڪرائڻ واري معاملي تان هاءِ ڪورٽ بار ۽ ڪراچي بار ايسوسئيشن وچ هلندڙ تڪرار جو نبيرو نه ٿي سگهيو آهي. ڪراچي بار ايسوسئيشن سنڌ بار ڪائونسل جن چونڊون ڊسٽرڪٽ بار ۾ نه ڪرائڻ خلاف عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي. ڪراچي بار ايسوسئيشن جي صدر منير ملڪ چيو آهي ته اڄ نه ڪنهن ڪي سجي ٻڌڻي ٿيندي نه ئي وري ڪنهن سائل کي سٽي ڪورٽ ۾ داخل ٿيڻ ڏنوويندو. منير ملڪ رمطالبو ڪيو آهي ته موجب بار ڪائونسل جون چونڊون ڊسٽرڪٽ بار ۾ ڪرايون وڃن، آمراڻي فيصلي خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويندو ……

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔