نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو لکت ۾ حڪم جاري

لاهور: احتساب عدالت اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو. عدالت جي فيصلي مطابق نواز شريف ڪيترائي ڀيرا طلب ڪرڻ باوجود پيش نه ٿيو،نواز شريف اشتهار لڳائڻ جي 30 ڏينهن کانپوءِ به پيش نه ٿيو. احتساب عدالت پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ ڄاڻايو آهي ته نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ کانسواءِ ٻيو آپشن موجود ناهي. عدالت پنهنجي حڪم ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نواز شريف جي گرفتاري لاءِ دائمي وارنٽ جاري ڪيا وڃن ٿا. عدالت واضح ڪيو ته نواز شريف جي حد تائين ڪيس کي ريفرنس کان ڌار ڪيو ويو آهي. عدالت اهو به حڪم ڏنو ته نيب نواز شريف جي متحرڪ ۽ غير متحرڪ ملڪيت جا تفصيل پيش ڪري ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي ٻين جوابدارن کي ريفرنس جون ڪاپيون فراهم ڪيون وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔