خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي رجسٽريشن معاملو: پي ايم سي کي ٻيهر نوٽيس جاري

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ خيرپور ميڊيڪل ڪاليج جي رجسٽريشن نه ٿيڻ خلاف داخل درخواست تي پي ايم سي کي ٻيهر نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهي. عدالت پاران ٻڌڻي دوران پي ايم ڊي سي ختم ٿيڻ کانپوءِ پي ايم سي جو نمائندو پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو، ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت گهري ورتي. درخواست گذارن موقف اختيار ڪيو ته 6 سال گذرڻ باوجود رجسٽريشن وارو مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر فاروق شيخ، راهول، ڊاڪٽر دعا، ڊاڪٽر فضا، ڊاڪٽر صبا، ڊاڪٽر رابعه شاهه ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران پي ايم سي کي ٻيهر نوٽيس ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي پهرين ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔