نيول چيف جو ڪريڪس ايريا جو دورو، آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات

سجاول: نيول چيف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي جو ڪريڪس ايريا جو دورو ڪري آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي. سجاول ۾ برگيڊ هيڊ ڪوارٽرز آمد تي ڪمانڊر ڪوسٽ گارڊز پاران نيول چيف جو استقبال ڪيو ويو. نيول چيف سرحد تي اڳئين مورچن جو به دورو ڪيو ۽ آفيسرن ۽ جوانن سان ملاقات ڪئي. اميرالبحر کي ڪريڪس ايريا ۾ پيش ايندڙ خطرن ۽ آپريشنل تيارين بابت بريفنگ ڏني وئي. نيوي جي ترجمان مطابق نيول چيف مشڪل موسمي حالتن ۽ ڏوراهن علائقن ۾ فرض نڀائڻ تي جوانن جي حوصلي ۽ عزم جي واکاڻ ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔