سنڌ حڪومت 13 سالن ۾ پنهنجا معاملا ٺيڪ نه ڪري سگهي: فردوس شميم نقوي

ڪراچي: پي ٽي آءِ اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو آهي ته سنڌ حڪومت 13 سالن باوجود پنهنجا معاملا ٺيڪ نه ڪري سگهي آهي،سنڌ ۾ جهموريت نظر نه پئي اچي، سنڌ اسيمبلي جي ڪا به ڪميٽي فعال ناهي، جمهوريت جا دعويدار اپوزيشن کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ ڏيڻ لاءِ به تيار نه آهن. سنڌ اسيمبلي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس شميم نقوي چيو ته ملڪ ۾ اٽو ۽ کنڊ وڏي مقدار ۾ موجود آهي ،اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ صوبائي حڪومتن جو ڪم آهي. فردوس شميم نقوي چيو ته سنڌ ۾ ڪا به گڊ گروننس ناهي نه ئي وري ڪا جهموريت نظر اچي ٿي، جمهوريت جي دعويدار سنڌ حڪومت اپوزيشن کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين شپ ڏيڻ لاءِ به تيار ناهي. فردوس شميم نقوي چيو ته سنڌ حڪومت هر هنڌ نمبرن جي ڦير ڦار ڪئي آهي، اين ايف سي تي عوام کي گمراهه ڪرڻ بند ڪيو وڃي….

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔