سنڌ ۾ اڄ ڪرونا وگهي وڌيڪ 14 مريض حياتيون وڃائي ويٺا: وڏو وزير

ڪراچي: سنڌ ۾ اڄ 14ڪورونا جا مريض فوت ۽ 720 نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال بابت جاري بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ ڪورونا وگهي فوت ٿي ويلن جو انگ 2هزار704ٿي ويو آهي، هن وقت 7922 ڪورونا جا مريض علاج هيٺ آهن، ڪورونا متاثر 329مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته هن وقت ڪورونا جا35 مريض وينٽي ليٽرز تي آهن، اڄ ڪورونا جا وڌيڪ449 مريض صحتياب ٿي ويا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔