آسٽريليا ۾ ٻارن جي جنسي استحصال جي عالمي گينگ پڪڙي وئي

ڪينبرا : آسٽريليا ۾ ٻارن سان جنسي استحصال ڪندڙ هڪ وڏو عالمي نيٽ پڪڙيو ويو آهي.
اختيارين موجب اهو گروهه آمريڪا، ڪينيڊا، يورپ ۽ ايشيا تائين پکڙيل هو.
آسٽريلوي اختيارين جو چوڻ هو ته ان گروهه ۾ شامل 16 ڄڻن کي ملڪ جي مختلف حصن مان گرفتار ڪيو ويو.
ان گينگ ۾ ٻارن جي سار سنڀال تي مقرر هڪ اهلڪار ۽ ٻارن جي فٽبال ٽيم جو هڪ ڪوچ به شامل آهي.
جاچ ڪندڙن موجب ان گروهه جي ڪِريل ڪارروائين ۾ ڪُل 46 ٻار متاثر ٿيا، جن جي عمر 16 مهينن کان وٺي 15 سالن تائين هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔