ڪراچي ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ نينگري آرزو جي ڄمار 15 سال قرار، شيلٽر هوم حوالي

ڪراچي: ميڊيڪل بورڊ ڪراچي ۾ اسلام قبول ڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ نينگري آرزو جي عمر 14 کان 15 سال ڄاڻائي ڇڏي آهي، ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ آرزو کي ٻيهر شيلٽر هوم اماڻي ڇڏيو ، عدالت آرزو کان سوال ڪيو ته توهان ڪنهن جي دٻاءُ ۾ اچي اسلام قبول ڪيو آهي؟ ، آرزو روئيندي جواب ڏنو ته ڪنهن جي دٻاءَ ۾ نه پر مرضيءَ موجب اسلام قبول ڪري محمد اظهر سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي، مونکي مڙس سان رهڻ جي اجازت ڏني وڃي، پوليس ڪيس ۾ چائلڊ ميرج ايڪٽ جا قلم به شامل ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ اسلام قبول ڪري پسند جو پرڻو ڪندڙ مسيحي نينگري آرزو جي والدين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران نينگري آرزو کي سخت پوليس پهري هيٺ عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. نينگري جي عمر جو پتو لڳائڻ بابت عدالت جي حڪم تي جوڙيل ميڊيڪل بورڊ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، جنهن ۾ آرزو جي عمر 14 کان 15 سال ڄاڻائي وئي آهي. ميڊيڪل بورڊ جي اهڙي رپورٽ بعد عدالت نينگري کي ٻيهر شيلٽر هوم موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو عدالت آرزو کان سوال ڪيو ته توهان ڪنهن جي دٻاءَ ۾ اچي اسلام قبول ڪيو آهي؟، آرزو عدالت کي جواب ڏنو ته هن ڪنهن جي دٻاءَ ۾ نه پر پنهنجي مرضيءَ سان اسلام قبول ڪري محمد اظهر سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔