آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ راڻا ثناءُ الله سڀاڻي نيب طلب

لاهور: نيب آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر نون ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله کي سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي.مسلم ليگ نون جي اڳواڻ راڻا ثناءُ الله کان آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ جاچ جاري آهي، نيب پاران کيس سڀاڻي ٻيهر طلب ڪيو ويو آهي.راڻا ثناءُ الله کي سڀاڻي منجهند 2 وڳي نيب جي جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم آڏو لاڳاپيل رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.واضح رهي ته نون ليگ اڳواڻ 10 ڊسمبر تي به نيب جي جاچ ٽيم آڏو پيش ٿي چڪو آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔