وڏو ميان نه رڳو چڱو ڀلو آهي پر زهر به اوڳاڇي رهيو آهي: شهباز گل

اسلام آباد: وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل چيو آهي ته وڏو ميان نه رڳو چڱو ڀلو آهي پر زهر به اوڳاڇي رهيو آهي، ننڍي ميان کي چيلهه ۾ تڪليف به رڳو احتساب وقت هوندي آهي.وزيراعظم جي خاص معاون شهباز گل مسلم ليگ نون جي ترجمان مريم اورنگزيب جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته شريف ڀائر بيمارين کي احتساب کان بچڻ لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن.شهباز گل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ميان صاحب بيماريءَ جو بهانو ڪري پرڏيهه هليو ويو، ان وقت به مريم اورنگزيب جا بيان اهڙا ئي هئا.خاص معاون شهباز گل چيو ته وڏو ميان نه رڳو چڱو ڀلو آهي پر زهر به اوڳاڇي رهيو آهي، ننڍي ميان کي چيلهه ۾ تڪليف به رڳو احتساب وقت هوندي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔