اين سي او سي پاران ڪرونا جي تيزيءَ سان پکيڙ تي ڳڻتي ظاهر

اسلام آباد: نيشنل ڪمانڊ ائنڊ آپريشن سينٽر ڪرونا وائرس جي تيزيءَ سان پکيڙ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي ٽيسٽنگ سروس وڌائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، حيدرآباد ۾ ڪرونا جا سڀ کان وڌيڪ 16 ڏهائي 59 سيڪڙو ڪيس ظاهر ٿيا آهن.نيشنل ڪمانڊ ائنڊ آپريشن سينٽر جي سربراهه اسد عمر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن دوران ملڪ ۾ وڌندڙ ڪرونا ڪيسز ۽ روڪٿام لاءِ ورتل اپائن تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو.اجلاس دوران اين سي او سي اختيارين پاران بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته ملڪ اندر ڪرونا وائرس سڀ کان وڌيڪ حيدرآباد ۾ پکڙي رهيو آهي، جتي ڪيسن جي شرح 16 ڏهائي 59 سيڪڙو آهي.اين سي او سي اختيارين موجب ٻئي نمبر تي گلگت بلتستان ۾ 15 ڏهائي 38 سيڪڙو، ملتان ۾ 15 ڏهائي 97، مظفرآباد ۾ 14 ڏهائي 12 ۽ ڪراچي ۾ 7 ڏهائي 12 سيڪڙو ڪرونا رپورٽس پازيٽوِ آيون آهن.اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته مختلف صوبن ۽ وفاقي يونٽن کي 13 هزار کان وڌيڪ آڪسيجن سلينڊر جاري ڪيا ويا آهن ۽ 28 سئو 11 بسترن کي اسپتالن جي گنجائش ۽ اضافي لاءِ شامل ڪيو ويو آهي.اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويو ته ڪرونا ٽيسٽن ۽ ڪورنٽائين واري پاليسي تي سختيءَ سان عملدرآمد سان گڏوگڏ ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرايو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔