نيب آفيس تي هنگامو ڪيس: خواجا عمران نذير وڌيڪ هڪ ڏينهن لاءِ پوليس حوالي

لاهور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت نيب آفيس تي پٿراءُ ۽ هنگامي واري ڪيس ۾ گرفتار نون ليگ ايم پي اي خواجا عمران نذير کي وڌيڪ هڪ ڏينهن لاءِ جسماني ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.لاهور ۾ مسلم ليگ نون جي نائب صدر مريم نواز جي نيب آفيس ۾ پٿراءُ ۽ هنگامي واري ڪيس ۾ گرفتار مسلم ليگ نون جي ايم پي اي خواجا عمران نذير کي هڪ ڏينهن وارو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي ٻيهر اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو.پوليس جي جاچ آفيسر وڌيڪ جسماني ريمانڊ جي استدعا ڪندي موقف اختيار ڪيو ته عمران نذير جي فوٽو گراميٽڪ ٽيسٽ ڪرائڻي آهي، جنهن تي عدالت وڌيڪ هڪ ڏينهن لاءِ کيس پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.عدالت نون ليگ جي شائسته ملڪ، شهباز چوڌري ۽ غزالي بٽ سميت 5 اڳواڻن جي عبوري ضمانت ۾ 16 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔