نيپرا هڪ مهيني لاءِ 48 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي

اسلام آباد: حڪومت مهانگائيءَ جي ماريل عوام کي هڪ ڀيرو ٻيهر بجليءَ جو جهٽڪو ڏئي ڇڏيو، نيپرا هڪ مهيني لاءِ 48 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي آهي. ڪرونا سبب بيروزگاري ۽ مهانگائي جو شڪار عوام کي هڪ ڀيرو ٻيهر بجليءَ جي 11 هزار وولٽيج جو جهٽڪو ڏنو ويو، نيپرا هڪ مهيني لاءِ بجلي مهانگي ڪري ڇڏي آهي. نيپرا موجب آگسٽ مهيني جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ صارفين کان في يونٽ تي 48 پئسا واڌو ورتا ويندا، جيڪي نومبر مهيني جي بل ۾ وصول ڪيا ويندا، فيصلو ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي لاڳو نه ٿيندو. نيپرا موجب آگسٽ ۾ في يونٽ پيداوار تي فيول لاڳت 3 رپيا 68 پئسا رهي ۽ بجليءَ جي فيول لاڳت 3 رپيا 20 پئسا في يونٽ هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔