مهراڻ يونيورسٽي جي چئن شاگردن کي ڪورونا، آن لائن ڪلاس وٺڻ جو فيصلو

ڄامشورو: مھراڻ يونيورسٽي جي واٽر سينٽر ۾ پڙھندڙ 4 شاگردن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿيڻ بعد واٽر سينٽر کي تدريسي عمل لاءِ بند ڪيو ويو آھي، واٽر سينٽر ۾ 200 جي لڳ ڀڳ شاگرد تعليم حاصل ڪري رھيا آھن.
ان سلسلي ۾ مھراڻ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر اسلم عقيلي سان رابطو ڪرڻ تي ان ٻڌايو ته واٽر سينٽر جي 4 شاگردن کي ڪورونا جي تصديق ٿي آهي، يونيورسٽي ۾ پھرئين ڏينھن کان شاگردن ۽ عملي لاءِ ماسڪ کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي، ايس او پيز کي فالو ڪرائي رهيا آهيون، ھن چيو ته سينٽر جي ملازمن ۽ شاگردن جي ڪورونا ٽيسٽ ڪرائي وئي آهي، واٽر سينٽر کي بند ڪري ان ۾ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن جا آن لائين ڪلاسز وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔