طوطي پنهنجي مالڪ جي زندگي بچائي ورتي….

سڊني: پالتو جانور پنهنجي مالڪ سان تمام گهڻي محبت ڪندا آهن ۽ هو انهن کي ڪنهن به پريشاني ۾ ڦاسڻ نه ڏيندا آهن ۽ جيڪڏهن مالڪ تي ڪابه پريشاني اچي به وڃي ته هو ان کي بچائڻ جي لاءِ پنهنجي جان به قربان ڪرڻ کان گهٻرائيندا ناهن. اهڙو ئي هڪ واقعو تازو آسٽريليا ۾ پيش آيو جتي اينٽن نگيون نالي شخص جي طوطي پنهنجي مالڪ جي حياتي بچائي.رپورٽ موجب اينٽن نگيون پنهنجي گهر ۾ گهري ننڊ ۾ هو ته ان دوان ان جي گهر ۾ باهه لڳي وئي ۽ باهه جي جي دونهين جي فائر الزام کان اڳ ئي ان جي طوطي نشاندهي ڪري ڇڏي. گهر ۾ باهه لڳندي ئي طوطي فوي طور تي پنهنجي مالڪ کي زور سان آوازون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو جنهن سبب سندس اک کلي وئي. طوطي جي مالڪ جڏهن ڏٺو ته ان جي گهر ۾ باهه لڳي رهي آهي پر اڃان تائين ان جي گهر ۾ لڳل فائر الارم وڄڻ شروع نه ٿيا هئا.اينتن نگيون اک کولڻ کان پوءِ فوري طور تي پنهنجو بيگ کنيو ۽ طوطي سان گڏ گهر مان ٻاهر نڪتو. ڪوئنس لينڊ فائر اينڊ ايمرجنسي سروس انسپيڪٽرڪيمرو تهامس ٻڌايو ته گهر جو مالڪ گهري ننڊ ۾ ستل هو. پر طوطي زور زور سان سندس نالو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو. هن ٻڌايو ته طوطي جي ڪري مان وقت تي پنهنجر گهر مان ٻاهر نڪتس ۽ مون کي ڪنهن به قرسم جو جاني نقصان به ناٿي ٿيو. جڏهن ته گهر ۾ فائر الارام به لڳل هئا پر الارم وڄڻ کان اڳ ئي طوطي باهه جي نشاندهي ڪري ڇڏي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔