آمريڪي صدارتي چونڊن کي 2 ڏينهن گذرڻ باوجود ٽرمپ ۽ جوبائيڊن وچ ۾ فيصلو نه ٿي سگهيو

واشنگٽن : امريڪي صدارتي چونڊن کي 2 ڏينهن گذرڻ باوجود ٽرمپ ۽ جوبائيڊن وچ ۾ فيصلو نه ٿي سگهيو، 5 ڊاوانڊول رياستن ۾ ووٽن جي ڳڻپ اڃا به جاري، جارجيا ۽ پنسلوينيا ۾ به ٽرمپ جي پوزيشن ڪمزور ٿيڻ لڳي، ڊيموڪريٽس اُميدوار جو بائيڊن کي صدر ٿيڻ لاءِ رڳو 6 اليڪٽورل ووٽ گهربل، ايِريزونا، وسڪونسن ۽ مشيگن ۾ ڪاميابي کانپوءِ بائيڊن جا اليڪٽورل ووٽس 264 ٿي ويا، ٽرمپ رڳو 214 اليڪٽورل ووٽس حاصل ڪري سگهيو، جو بائيڊن صدارتي چونڊن ۾ غير معمولي ووٽ حاصل ڪري اوباما جو به رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، امريڪي تاريخ ۾ 7 ڪروڙ ووٽ حاصل ڪندڙ پهريون صدارتي اُميدوار جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔