پنسلوينيا ۾ 7 لک کان وڌيڪ ووٽ مليا :ڊونلڊ ٽرمپ جي دعويٰ

واشنگٽن : آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته پنسلوينيا ۾ 7 لک کان وڌيڪ ووٽ مليا آهن، جن کي گهٽائي 90 هزار جي سرسي ظاهر ڪئي وئي، قانوني طور ووٽ ڳڻيا وڃن ته آئون تاريخي ڪاميابي ماڻي چڪو آهيان، ڳٺجوڙ ذريعي وڏي پيماني تي ڌانڌلي ڪئي وئي آهي، جنهن جا ثبوت موجود آهن، جلد اعليٰ عدالت ۾ پيش ڪنداسين، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو وائيٽ هائوس ۾ پريس ڪانفرنس دوران صحافين جي سوالن جا جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ڊيموڪريٽڪ صدارتي اميدوار جوبائيڊن ڪاميابي لاءِ پراميد، جوبائيڊن چيو آهي ته هر هڪ ووٽ جي صحيح ڳڻپ ڪئي وڃي، جلد رهيل اليڪٽورل ووٽن جي ڳڻپ به مڪمل ٿيندي، هاڻي سندس ڪاميابي اڻٽر ٿي وئي آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔