تحريڪ انصاف جو اڳواڻ جهانگير ترين لنڊن کان واپس وطن پهچي ويو

لاهور: پاڪستان تحريڪ انصاف جو اڳواڻ جهانگير لنڊن کان پنهنجي وطن پاڪستان پهچي ويو.

جهانگير ترين لنڊن کان دبئي رستي نجي ايئر لائين جي پرواز وسيلي لاهور ائير پورٽ تي پهتو .

پي ٽي آءِ جو اڳواڻ جهانگير ترين پنهنجي گهرواري سميت لاهور هوائي اڏي تي پهتو، ساڻس گڏ خاندان جو ٻيو ڪوبه فرد نه هو.

ان کان اڳ ۾ اطلاع هئا ته جهانگير ترين پنهنجي پٽ علي ترين سان گڏ  پاڪستان واپسي لاءِ روانا ٿيا آهن .

جهانگير ترين جي آجيان لاءِ پي ٽي آءِ جو ڪو به اڳواڻ هوائي اڏي تي موجود نه هو پر سندس ويجها ڪجهه دوست ائير پورٽ تي سندس آجيان لاءِ موجود هئا جن لاهور اچڻ تي کيس گلدستو پيش ڪيو .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔