ڪورونا جي ٻي لهر، پاڪستان ۾ ريڪارڊ فوتگيون

اسلام آباد: پاڪستان ۾ عالمي وبا ڪورونا جي ٻين لهر جاري آهي ۽ گذريل ڏينهن ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪيتريون ئي فوتگيون ٿيون آهن.

نينشل ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول آپريشن (اين سي او سي) موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ 30 فوتگيون ٿيون آهن جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ فوتگين جو ڪل انگ 6923 ٿي ويو آهي.

اين سي او سي موجب گذريل ڏينهن سنڌ ۾ 17، پنجاب ۾ 5، خيبرپختونخواهه ۾ 3، اسلام آباد ۾ 2 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 2 فوتگيون ريڪارڊ ڪيون ويون.

نينشل ڪمانڊ اينڊ آپريشن ڪنٽرول موجب گذريل ڏينهن ڪورونا جا 35 هزار ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ۾ 1376 ماڻهن جا ٽيسٽ مثبت آيا. 

اين سي او سي موجب ملڪ ۾ وبا کان متاثر ماڻهن جوانگ 3 لک 40 هزار 251 ٿي ويو آهي جڏهن ته ملڪ ۾ ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 16 هزار 242 ٿي ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔