پاڪستان کي اهڙو ملڪ بڻائڻ جي خواهش آهي جنهن کي ڪنهن جي آڏو هٿُ نه ٽنگڻو پوي: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي اهڙو ملڪ ٺاهڻ جي ڪوشش آهي جنهن کي ڪنهن جي به اڳيان هٿ نه ٽنگڻو پوي.

حسن ابدال ريلوي اسٽيشن اپ گريڊيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته نئين پاڪستان جي سفر ۾ ريلوي کي نهايت اهم حيثيت حاصل آهي ڇو ته دنيا ۾ ٽرين سستو ۽ آرام ده سفر جو ذريعو آهي.

عمران خان جو چوڻ هو ته بدقسمتي سان اسان انگريزن جي ڏنل ريلوي نظام جي ترقي نه ڪري سگهيا آهيون ، ريلوي اهميت ان ڪري رکندي آهي ته عام ۽ غريب ماڻهو جي سواري آهي ،ريلوي معاشي ترقي ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو.

هن چيو ته ايم ايل ون سان پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ريلوي ۾ سڀ کان وڏي سرمائيداري ٿي رهي آهي ، ايم ايل ون سان ڪراچي کان لاهور جو سفر 7 ڪلاڪ ٿي ويندو .

عمران خان چيو ته خواهش آهي ته پاڪستان اهڙو ملڪ ٿئي جنهن کي ڪنهن جي آڏو به هٿ ٽنگڻو نه پوي ،۽ ايم ايل ون پاڻ ڀرائپ ڏانهن هڪ اهم قدم آهي .

هن چيو ته نئين پاڪستان ۾ سڀني مذهبن جا ماڻهو برابر آهن ،اسان جي ڪوشش هئي ته سک برادري لاءِ آسانيون پيدا ٿين ،حسن ابدال ريلوي اسٽيشن کان سک برادري کي تمام گهڻي سهولت ملندي .

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔