آمريڪي چونڊن ۾ تاريخ لکندڙ مسلمان عورتون ٻيهر ڪامياب

واشنگٽن : آمريڪا ۾ ڪانگريس چونڊن ۾ 2018 ۾ چونڊيل ٻه مسلمان عورتون راشده طليب ۽ الهان عمر ري پبلڪن پارٽي جي مخالف اميدوارن کي وڏي مارجن تان شڪست ڏئي هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊجي ويون آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب راشده طليب ۽ الهان عمر کانسواءِ انهن جون ساٿي ڊيموڪريٽڪ پارٽي جون وڌيڪ ٻه عورتون اليگزينڊريا اوڪاسيو ڪوريٽز ۽ ايانا پيريسلي به ڪامياب ٿي ويون آهن.
راشده طليب مشي گن، جڏهن ته الهان عمر ميسوچيوسيٽس مان ڪاميابي حاصل ڪئي.
حڪمران جماعت ري پبلڪن اميدوارن کي شڪست ڏيندڙ ٻين ٻن عورتن اليگزينڊريا اوڪاسيو ڪوريٽز ۽ ايانا پيريسلي ترتيب وار نيو يارڪ ۽ ميسوچيوسيٽس مان ميدان ماريو.
واضح رهي ته راشده طليب ۽ الهان عمر 2018 ۾ به ڪانگريس ميمبر چونڊيون هيون ۽ ٻنهي آمريڪي تاريخ ۾ ڪانگريس ميمبر بڻجندڙ پهرين مسلمان عورتن جو اعزاز حاصل ڪيو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔