سوشل ميڊيا تي ڳئون سان ڀاڪر پائڻ جو ٽرينڊ ڇو مشهور ٿي رهيو آهي؟

لنڊن: عالمي وبا ڪورونا وائرس دوران سڄي دنيا ۾ لاڪ ڊائون سبب گهرن تائين محدود ماڻهن اسٽريس ۽ دٻاءُ جي ڪيفيت جو شڪار ٿي ويا آهن.پالتو جانورن سان گڏ وقت گذارڻ اسان کي ڪافي حد تائين دٻاءُ ۽ اسٽريس مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آهي. ان حوالي سان اڄ اسان اوهان کي هڪ نئين ٽرينڊ جي حوالي سان ٻڌائڻ وارا آهيون. ڳئون سان ڀاڪر پائڻ جو هي نئون ٽرينڊ ڇو مشهور ٿي رهيو آهي؟هن ٽرينڊ جي شروعات نيدرلينڊ جي هڪ ڳوٺ کان ٿي آهي جنهن جو نالو ڪائو بگنگ آهي ۽ هاڻ ان ٽرينڊ کي سڄي دنيا ۾ مشهوري حاصل ٿي رهي آهي. نيدر لينڊ سان تعلق رکندڙ هڪ هاري جو چوڻ آهي ته منهنجي فارم ۾ ماڻهو ڳئون سان ملڻ جي ٿراپي جي لاءِ گذريل 14 سالن کان اچي رهيا آهن.ڳئون سان ڀاڪر پوڻ جي هي تهراپي انسان جي دماغي صحت جي لاءِ تمام گهڻي مددگار ثابت ٿي رهي آهي ڇو ته ان سان اسٽريس ۽ دٻاءُ جي ڪيفيت مان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ۾ مدد حاصل رهي آهي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔