ڀارتي اداڪار فراز خان لاڏاڻو ڪري ويو

ممبئي : ڀارتي اداڪارا فراز خان 46 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
فراز خان گذريل ڪيتري عرصي کان سيني جي انفيڪشن سبب بينگلور جي مقامي اسپتال جي انتهائي نگهداشت وارڊ ۾ علاج هيٺ هو، جتي هو لاڏاڻو ڪري ويو.
ڪجهه هفتا اڳ فراز خان جي ڀاءُ فرمان خان پنهنجي ڀاءُ جي صحت جي حوالي سان تفصيلي رپورٽ جاري ڪندي مالي مدد جي پڻ درخواست ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ اداڪار سلمان خان علاج جي سمورن خرچن جي ذميواري کڻندي بل ادا ڪري ڇڏيا هئا.
ناليواري اداڪارا ۽ فلمساز پوجا ڀٽ ٽوئيٽر تي فراز خان جي موت جي تصديق ڪندي چيو ته مان ڏُکي دل سان اها خبر ٻڌائي رهي آهيان ته فراز خان اسان کي ڇڏي ويو آهي ۽ مون کي يقين آهي ته هن وقت هو سٺي هنڌ هوندو، ان جي وڃڻ سان پيدا ٿيل خال ڀرجڻ ته ناممڪن آهي پر توهان سڀني کي گذارش آهي ته پنهنجي دعائن ۾ ان کي ۽ ان جي گهر ڀاتين کي ياد رکو.
واضح رهي ته فراز خان ”فريب، دلهن بنون مين تيري، مهندي، چاند بجهه گيا“ جهڙين فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڪئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔