آءِ سي سي رينڪنگ، شاهين آفريدي ڪيريئر جي بهترين پوزيشن ماڻي ورتي

دبئي : قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر شاهين آفريدي بالرن جي ون ڊي رينڪنگ ۾ ڪيريئر جي بهترين پوزيشن حاصل ڪري ورتي.
آءِ سي سي طرفان تازي ون ڊي رينڪنگ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن موجب بالرن ۾ زمبابوي خلاف سيريز ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ قومي فاسٽ بالر شاهين آفريدي 8 درجي ترقي ماڻيندي 16هين نمبر تي اچي ويو آهي.
ان فهرست ۾ نيوزيلينڊ جو ٽرينٽ بولٽ پهرين، ڀارت جو جسپريت بمرا ٻئي، افغانستان جو مجيب الرحمان ٽئين، جڏهن ته پاڪستان جو محمد عامر اٺين نمبر تي آهي.
بيٽسمينن ۾ قومي ٽيم جو ڪپتان بابر اعظم ساڳي ٻي پوزيشن تي موجود آهي پر سندس پوائنٽن جو انگ وڌي ويو آهي، ان فهرست ۾ ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي پهرين ۽ ڀارت جو ئي روهت شرما ٻئي نمبر تي آهي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل نئين ون ڊي رينڪنگ ۾ ٻين پاڪستاني بيٽسمينن ۾ امام الحق جو 12هون، فخر زمان جو 18هون ۽ حارث سهيل جو 33هون نمبر آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔