سمورن خدشن جي باوجود چونڊون کٽي چڪو آهيان: ڊونلڊ ٽرمپ

واشنگٽن: امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته سمورن خدشمن جي باوجود مان چونڊون کٽي چڪو آهيان ۽ وڏي ڪاميابي جو جشن ملهائڻ جي لاءِ تيار آهيان، عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته جارجيا ۾ به فتح حاصل ڪري چڪو آهي.

ٽيڪساس ۽ اتر ڪيرولينا ۾ به سوڀ حاصل ڪري چڪوآهي جڏهن ته مشي گن ۽ پنسلوانيا ۾ به اڳتي آهي. هن جو چوڻ هو ته آمريڪي شهرين رڪارڊ ووٽ ڪاسٽ ڪيا. اسان اهڙين رياستن مان به کٽي رهيا آهيون جتي اميد به نه هئي. ڪيترين ئي رياستن ۾ ووٽن جي ڳڻپ جاري آهي جتي اسان کٽي چڪا آهيون. ڊونلڊ ٽرمپ هڪ دفعو ٻيهر دعويٰ ڪئي آهي ته اسان اليڪشن کٽي وينداسين وڏي ڪاميابي تي جلد بيان ڏيندس. اسان ڪاميابي جو جشن ملهائڻ لاءِ تيار آهيون.

آمريڪي صدر چوندن ۾ ڪاميابي جي دعويٰ سان گڏ ڌانڌلي جو الزام به لاڳو ڪيو ۽ چيو ته مختلف گروپن چونڊن تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.اوچتو سڀ شيون رڪجي ويون اها ڌانڌلي آهي.

هن چيو ته هاڻ وڌيڪ ووٽنگ ناهي ٿي سگهي. ووٽن جي ڳڻپ ٿيڻ فراڊ آهي. ان معاملي تي سپريم ڪورٽ ويندس. ياد رهي ته آمريڪا ۾ صدارتي چوندن جي لاءِ ووٽن جي ڳڻپ جو عمل جاري آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔