هند ۽ سنڌ جي مهان راڳي ماسٽر چندر جي 36هين ورسي

ٺاروشاھ : هند ۽ سنڌ جي مهان ۽ سدابهار راڳي ماسٽر چندر جي جنم ڀومي ٺاروشاھ ۾ چندر يادگار ڪاميٽي پاران 36 هين ورسي ملهائي سندس تصويرن آڏو ڏيئا ٻاري گل نڇاور ڪري لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي وئي. ورسي تقريب جي صدارت جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي اڳواڻ نواز شاھ ڀاڏائي، چندر يادگار ڪاميٽي جي چيئرمين علي شير ڪيريو، ٽائون آفيسر سڪندر بجاراڻي، اڳوڻي يوسي چيئرمين مقبول احمد سهتو، خادم تيوڻو، امانت وسطڙو ۽ ٻين تقريب کي خطاب ڪيو. اڳواڻن چيو ته ماسٽر چندر گهڻ رخي شخصيت هئي ۽ سنڌ حڪومت ثقافت کاتي اهڙي مهان شخصيت ۽ راڳي کي وساري سندس فن سان ظلم ڪري رهي آھي هنن چيو ته سنڌ حڪومت کي سندس جنم ڀومي ۾ وڏي پيماني تي ورسي تقريب منعقد ڪرائڻ گهرجي هان ته جيئن نئين ٽھي ۾ ماسٽر چندر جي ڄاڻ شامل ٿئي هان هنن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪندي چيو ته ماسٽر چندر جو ٺاروشاھ ۾ قائم گهر کي سرڪاري تحويل ۾ وٺي سندس نالي سان ميوزڪ حال ۽ لائبريري قائم ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔