نيويارڪ: پاڪستان جي مستقل سفير عاصم افتخار احمد افغانستان جي صورتحال تي گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪونسل جي اجلاس ۾ چيو ته افغان زمين مان ٿيل دهشتگردي پاڪستان جي قومي سلامتي ۽ خودمختاري جي لاءِ سڀني کان وڏو خطرو آهي.
سفير عاصم افتخار اجلاس ۾ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته صدر صاحبه مان شروعات ۾ سلووينيا جي صدارت ۽ هن مهيني ڪونسل جي موثر قيادت تي انهي کي خراج تحسين پيش ڪرڻ چاهيندس. اسان سلووينيا جي وفد جو به ٿورو ادا ڪريون ٿا ته انهي بطور چونڊيل ميمبر پنهنجي ٻن سالن جي مدي دوران ڪونسل جي ڪم ۾ جيڪو عزم، محنت ۽ قيمتي خدمتون انجام ڏنيون اهي تعريف جوڳيون آهن.
عاصم افتخار چيو ته اقتدار سنڀالڻ کي 4 سال کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آهي، هڪ اهڙو واقعو جنهن خانگي جنگي جو خاتمو ڪيو ۽ افغانستان جي لا اميد جي هڪ روشني پيدا ڪئي، ڏٺو وڃي ته انهي سان گهرا خدشا ۽ شڪ به موجود هئا.
اسان پاڙيسري جي گهرجن ۽ پرامن، مستحڪم افغانستان جي لاءِ اسان جي پراڻن واسطن ۽ دلچسپي جي تحت پاڪستان انهي سموري وقت دوران طالبان اختيارين سان باقاعده ۽ مسلسل رابطو رکيو. صرف هن سال اسان افغانستان جا ڪيترائي اعليٰ سطحي دورا ڪيا. ڪيترائي نوان قدم کنيا، انساني همدردي جي امداد ڪوششن ۾ تعاون ڪيو، سامان جي چرپر ۾ سهولت ڏني واپار ۽ ٽرانزٽ ۾ رعايت جو اعلان ڪيو. اسان افغانستان بابت مختلف علاقائي عملن ۾ به فعال طور تي شريڪ رهيا آهيون.
هن چيو ته اها ڳالهه ياد رکڻ انتهائي ضروري آهي ته طالبان سان عالمي برادري جون اميدون جڙيل هيون خاص طور تي انهي عهد جي پاسداري نه ڪئي وئي ته افغان زمين کي ڪنهن به ٻئي ملڪ جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏنو ويندو. اڄ هن ميز تي موجود ڪيترن ئي معزز ساٿين به انهي طرف اشارو ڪيو آهي. بدقسمتي سان عالمي برادري جا شروعاتي خدشا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ صحيح ثابت ٿيا ۽ وڌيڪ گهرا ٿيندا ويا.
اڄ افغانستان هڪ دفعو ٻيهر دهشتگرد گروپن ۽ انهن جي پراڪسي عناصرن جي لاءِ هڪ محفوظ پناهه گاهه بڻجي چڪو آهي. جنهن جا تباهي آڻيندڙ نتيجا انهي جا پاڙيسري ملڪ خاص طور تي پاڪستان جي لاءِ سخت سيڪيورٽي چيلنجز ۽ خطي کان ٻاهر تائين اثر جوڙي رهيا آهن.
افسوسناڪ طور تي طالبان طرفان دهشتگرد گروپن خلاف پڪي، موثر ۽ فيصله ڪن ڪارروائين جي بجاءِ اسان پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن ۾ به اضافو ڏٺو اهڙا حملا جيڪي طالبان جي انتظام هيٺ افغان زمين تان منصوبه بندي، مالي تعاون ۽ عملدرآمد سان ڪيا ويا.
هن وڌيڪ چيو ته صرف هن سال ئي افغانستان مان آيل دهشتگردي سبب اسان جون تقريبن 1.200 قيمتي جانيون ضايع ٿيون. 2022 کان هينئر تائين پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪارروائين دوران 214 کان وڌيڪ افغان دهشتگرد جن ۾ آپگهاتي بمبار به شامل آهن کي ماريو ويو آهي.
تبصرے بند ہیں۔