فيض حميد ڏوهي قرار، 14 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا

اسلام آباد: فوجي ترجمان جاري ڪيل بيان م ٻڌايو آهي ته آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي فوجي عدالت طرفان 14سال سخت مشقت سان سزا ٻڌائي وئي آهي.
هڪ بيان ۾، فوج جي پبلڪ رليشنز واري شعبي چيو ته فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل (FGCM) جي ڪارروائي 12 آگسٽ 2024 تي پاڪستان آرمي ايڪٽ جي شقن تحت شروع ڪئي وئي، جيڪا 15 مهينن تائين جاري رهي.
“ملزم تي چار الزام لاڳو ڪيا ويا. سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي ڀڃڪڙي جيڪا رياست جي سلامتي ۽ مفادن لاءِ نقصانڪار هئي، عهدي، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جو غلط استعمال، ۽ ماڻهن کي ناجائز نقصان پهچائڻ شامل آهن.
“ڊگهي ۽ محنت طلب قانوني ڪارروائي بعد، ملزم کي سڀني الزامن ۾ ڏوهاري قرار ڏنو ويو آهي ۽ 14 سال سخت قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.” آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو آهي ته سزا “11 ڊسمبر 2025 تي نافذ ڪئي وئي”.
بيان موجب اڳوڻي جاسوسي سربراهه خلاف ڪارروائين دوران، FGCM سڀ قانوني ضابطن تي عمل ڪيو، ۽ جوابدار فيض حميد کي “پنهنجي پسند جي دفاعي ٽيم سميت سڀ قانوني حق ڏنا ويا”.
آءِ ايس پي آر موجب، سزا يافته شخص وٽ لاڳاپيل فورم تي اپيل جو حق موجود آهي.
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته “سزا يافته جي سياسي انتشار ۽ عدم استحڪام پيدا ڪرڻ ۾ سياسي عنصرن سان ملي ڀڳت ۽ ٻين معاملن ۾ ملوث هجڻ جي جاچ الڳ طور تي جاري آهي”.
“سزا جو اعلان فوجي ترجمان جي ٻه مهينا اڳ يعني 10 آڪٽوبر تي پشاور ۾ ڏنل بيان بعد سامهون آيو آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته پاڪستان آرمي جو داخلي احتساب جو نظام الزامن تي نه پر حقيقتن ۽ ثبوتن تي ڪم ڪندو آهي. ان جو هڪ طريقو آهي ۽ جنهن تي الزام لڳايو وڃي ٿو، ان کي مڪمل حق ڏنو ويندو آهي ته پنهنجو مڪمل دفاع ڪري. اسان کي ڪنهن به دير جي فڪر ناهي ڇو ته انصاف جون سڀ گهرجون پوريون ڪرڻ ضروري آهن،”
فيض حميد کي آگسٽ 2024 ۾ حراست ۾ ورتو ويو، جڏهن فوج هن خلاف FGCM ڪارروائي جي شروعات جو اعلان ڪيو هو. هي قدم هڪ نجي هائوسنگ سوسائٽي جي مالڪ طرفان لڳايل بدعنواني جي الزامن کانپوءِ کنيو ويو، جنهن ملڪ ۾ جاسوسي سربراهه کي “ناقابلِ ڇُهاءُ” سمجهڻ واري پراڻي تاثر کي ٽوڙي ڇڏيو، جتي جرنيلن ڊگهي عرصي کان غيرمعمولي اثر رکيو آهي.
ڊسمبر 2024 ۾، هڪ فوجي عدالت فيض حميد تي ٽن الزامن، سياسي سرگرمين ۾ شموليت، جاسوسي مخالف قانونن جي ڀڃڪڙي، ۽ اختيارن جي غلط استعمال تي فردِ جرم لاڳو ڪيو هو. اهو سندس FGCM ٽرائل جي شروعات هئي.
ان وقت آءِ ايس پي آر چيو هو ته “اها جاچ به جاري آهي ته ڪيئي واقعا، جن سان ملڪ ۾ اشتعال ۽ افراتفري پيدا ٿي، ۽ جيڪي 9 مئي 2023 سميت ڪيترن واقعن تائين پهتا، سياسي مفادن جي چوڻ تي پيدا ڪيا ويا”.
9 مئي 2023 تي، اڳوڻي وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ ملڪ ۾ شديد احتجاج ٿيا، جن دوران فوجي تنصيبات کي به نقصان پهچايو ويو.
’حميد کي مڪمل دفاع جو موقعو ڏنو ويو.‘
حميد جي سزا جو اعلان ٿيڻ بعد، اطلاعات واري وزير عطاالله تارڙ چيو ته اڳوڻي جاسوسي سربراهه کي ٽاپ سٽي ڪيس ۾ به سزا ڏني وئي، جنهن ۾ الزام هو ته هن نجي هائوسنگ سوسائٽي کان پيسا وٺڻ لاءِ پنهنجو عهدو ۽ اختيار استعمال ڪيو. هڪ بيان ۾، تارڙ چيو ته اڳوڻي ISI سربراهه جي سزا “ثبوتن” جي بنياد تي هئي.
“اڄ جنهن شخص ’ريڊ لائين‘ پار ڪئي هئي، ان کي سزا ملي آهي،” وزير وڌيڪ چيو ته حميد کي ٽرائل دوران “مڪمل موقعو” ڏنو ويو ته هو پنهنجو دفاع ڪري ۽ شاهديون پيش ڪري. “سڀ شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿيڻ ۽ ثبوت پيش ٿيڻ بعد، هڪ منصفاڻو فيصلو جاري ڪيو ويو.”
تارڙ وڌيڪ چيو ته ڪو به قانون کان مٿي ناهي ۽ جيڪو “ريڊ لائين پار ڪندو”، ان خلاف قانوني ڪارروائي ٿيندي. هن چيو ته حميد “پنهنجا اختيار غلط استعمال ڪيا، ۽ سياسي معاملن جي وڌيڪ جاچ ٿي رهي آهي”. وزير هن تي وڌيڪ الزام هنيو ته حميد پي ٽي آءِ جو “سياسي مشير” هو.
تارڙ وڌيڪ چيو ته: “فوج ۾ خود احتسابي جو عمل تمام مضبوط آهي، ۽ هرڪو هاڻي ان جو واضح مثال ڏسي چڪو آهي. اڄ جو فيصلو سچ ۽ انصاف جي ڪاميابي آهي.”.
وزير چيو ته فوج مان ريٽائر ٿيڻ بعد حميد کي سياست ۾ اچڻ کان روڪيو ويو هو، “پر هو پي ٽي آءِ جو سياسي مشير بڻجي ويو هو. هن پارٽي کي مڪمل مدد ڏني.”
جيو نيوز سان ڳالهائيندي هن سوال تي ته ڇا وڌيڪ ڪارروائي حميد خلاف ٿيندي؟ تارڙ پڪ سان چيو: “ها، ضرور . هن الزام هنيو ته “پي ٽي آءِ جي سياسي مشير طور، هن ملڪ خلاف سازش ڪئي ۽ وڏي پيماني تي افراتفري پکيڙي”.
“اطلاعات واري وزير چيو ته 9 مئي کان اڳتي به سنگين معاملا آهن، جن جي جاچ ٿي رهي آهي. هڪ ٻيو تحقيقاتي عمل سندس سياسي مداخلت جي حدن تي جاري آهي.
“تارڙ وڌيڪ چيو ته اهو لڪل ناهي ته هو پي ٽي آءِ کي صلاحون ڏيندو هو ۽ رياست جي رٽ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو.”
ان دوران، دفاع واري وزير خواجه آصف سماجي رابطن جي پليٽفارم X تي پنهنجي ردعمل ۾ چيو ته “قوم سالن تائين فيض حميد صاحب ۽ (سابق آرمي چيف) باجوه جي پوکيل ٻج جو فصل لڻندي رهندي”.

تبصرے بند ہیں۔