اسلام آباد: سينيٽر فيصل واوڊا اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل(ر) فيض حميد جي سزا تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته 9 مئي ڪيسز اڃان آهن ۽ جنهن سياسي پارٽي اهو ڪيو انهي جو فيصلو ڀت تي نظر اچي رهيو آهي.
نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي فيصل واوڊا چيو ته منهنجي اها ڳالهه به صحيح ثابت ٿي ته فيض حميد کي 14 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي، ڦاهي جي سزا نه ٿي.
هن چيو ته اڃان ته 9 مئي ڪيسز جو فيصلو اچڻو آهي جنهن ۾ انهن تباهي مچائي، رياست، سياست، عدليه ۽ جمهوريت کي نقصان پهچايو. ميڊيا تي قبضي جي ڪوشش ڪئي، انهي فيصلي سان ظاهر ٿي ويو آهي ته پاڪستان کان وڏو ڪنهن جو به پيءُ نه آهي. هاڻ سزا ۽ جزا جي بنياد رکي وئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته 9 مئي جو ٽرائل اڃان هلي رهيو آهي جنهن جي سزا گهٽ ۾ گهٽ 14 سال آهي جيڪا به سياسي پارٽي انهن ڪيسز ۾ ملوث هئي جيڪا رامي بازي پي ٽي آءِ ۽ انهي جي باني ڪئي جنهن بربريت سان ماڻهن کي مارايو ويو پنهنجي ئي اداري، شهيدن ۽ يادگارن کي نقصان پهچايو ويو، مان هنن ماڻهن کي انهي شيءَ کان روڪي رهيو هئس، هنن کي ٻڌايو هو ته انهي جي واپسي نه آهي.
فيصل واوڊا چيو ته هنن جي پنهنجي ماڻهو جو ئي ٽرائل ناهي روڪيو ويو اهو ته اڄ تائين تاريخ ۾ ناهي ٿيو، اسان وٽ مسئلو ئي سزا ۽ جزا جو هو، جنهن جي فيلڊ مارشل عاصم منير سڀني کان پهريان پنهنجي اداري کان بنياد شروع ڪئي آهي.
تبصرے بند ہیں۔