آءِ ايم ايف جي قسط پاڪستان کي ملي وئي

اسلام آباد: بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان کي 1.2 ارب ڊالر منتقل ڪيا آهن.اسٽيٽ بينڪ جي بيان موجب، پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان قرض جي قسطن ۾ 1.2 ارب ڊالر مليا آهن.بيان ۾ چيو ويو آهي ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان کي 200 ملين ڊالر جاري ڪيا ويا آهن.آءِ ايم ايف 7 ارب ڊالر جي ايڪسٽينڊڊ فنڊ سهولت تحت 1 ارب ڊالر ۽ پاڪستان لاءِ لچڪ ۽ پائيداري سهولت تحت 200 ملين ڊالر جي قرض جي منظوري ڏني هئي.

تبصرے بند ہیں۔