قرآن پاڪ تي حلف کڻي چوان ٿو ته منهنجي ڊگري اصل آهي، جسٽس طارق محمود جو چيف جسٽس جي بينچ ۾ ويهڻ تي اعتراض

اسلام آباد: جسٽس طارق محمود جهانگيري چيو آهي ته قرآن پاڪ تي حلف کڻي چوان ٿو ته منهنجي ڊگري اصلي آهي.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سرفراز ڊوگر ريمارڪس ڏنا ته جسٽس طارق محمود جهانگيري پاڻ آيو آهي، مون کي صرف جسٽس طارق محمود جهانگيري کي ٻڌڻو آهي.

عدالت کي جسٽس طارق محمود چيو ته قرآن پاڪ تي حلف کڻي چوان ٿو ته منهنجي ڊگري اصل آهي، هن عدالت کان وقت ڏيڻ جي استدعا ڪري ڇڏي.

جسٽس طارق محمود چيو ته مون کي ڪم کان روڪيو ويو جيڪو عدالتي تاريخ ۾ پهريان ڪڏهن به نه ٿيو آهي. هن چيف جسٽس جي بينچ ۾ ويهڻ تي اعتراض ڪندي چيو ته مون کي بينچ تي ڀروسو نه آهي جيڪڏهن ڪيس ٻڌڻو آهي ته ڪنهن ٻئي بينچ ڏانهن اماڻيو وڃي.

جسٽس طارق محمود عدالت کي چيو ته پٽيشن جو جائزو وٺڻ لاءِ وڪيل مقرر ڪرڻو آهي، ڪجهه وقت ڏنو وڃي. هن جج سان ڳالهائيندي چيو ته ٽن ڏينهن جو وقت تمام گهٽ آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رجسٽرار ڪراچي يونيورسٽي کي رڪارڊ سميت طلب ڪندي جسٽس طارق محمود جهانگيري کي پٽيشن ۽ لاڳاپيل دستاويز ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اعظم خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. جنهن کان پوءِ عدالت جسٽس طارق محمود جهانگيري ڊگري ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

تبصرے بند ہیں۔