لاهور: لاهور جي ضلعي، سيشن عدالت ٽڪ ٽاڪرز رجب بٽ ۽ نديم مبارڪ جي جوا ايپ پروموشن جي ڪيس ۾ عبوري ضمانت منظور ڪري ورتي.
ايڊيشنل سيشن جج منصور علي قريشي عبوري ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. رجب بٽ ۽ نديم مبارڪ ضمانت جون درخواستون بيرسٽر ميان علي اشتفاق حوالي سان داخل ڪئي.
نيشنل سائبر ڪرائم انويسٽيگيشن ايجنسي(اين سي سي آءِ اي) ڪيترن ئي ٽڪ ٽاڪرز جي خلاف ڪيس داخل ڪيا آهن جن ۾ رجب بٽ ۽ نديم مبارڪ به شامل آهن جن تي الزام آهي ته انهن جوا ايپليڪيشن کي هٿي ڏني.
ٻنهي ٽڪ ٽاڪرز سومر تي سيشن جج منصور احمد قريشي جي سامهون پيش ٿيا. انهي جي وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته ٻئي ڄڻا جاچ ۾ شامل ٿيڻ چاهين ٿا ته جيئن پنهنجي بي گناهي ثابت ڪري سگهن.
جج رجب بٽ ۽ نديم مبارڪ جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي ۽ اين سي سي آءِ اي کي هدايت ڪئي ته اها 6 جنوري تائين انهن کي گرفتار نه ڪري. جج ٻنهي جوابدارن کي هدايت ڪئي ته ايندڙ ٻڌڻي تائين جاچ ۾ تعاون ڪن.
اها اڳڀرائي انهي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سامهون آئي آهي جڏهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رجب بٽ ۽ نديم مبارڪ جي گهر ڀاتين طرفان داخل درخواست تي 10 ڏينهن جي حفاظتي ضمانت ڏني هئي. جنهن کان پوءِ ٻنهي لاهور جي سيشن ڪورٽ ۾ ڌار ضمانت جي درخواست داخل ڪئي.
شيئر
تبصرے بند ہیں۔